شو مندر ٽنڊو محمد خان

شِوَ مندر، ٽنڊو محمد خان: هيءُ مندر 250 07' 96" ڊگريون ۽ 680 32' 39.8" ڊگرين تي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ جشي ڪولهيءَ ۾ آهي. مارچ 2012ع ۾ ڪن ماڻهن هن مندر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو پر پوءِ ان کي ٻيهر هندو جاتي آباد ڪيو آهي. هتي شِوراتڙيءَ جو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ پوڄا پاٺ ڪئي ويندي آهي. هن ميلي ۾ڀرپاسي جا هندو شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو